ايم ايل ون تي ڪم هلندڙ سال جي آخر تائين شروع ٿي ويندو: سعد رفيق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته ايم ايل ون تي ڪم هلندڙ سال جي آخر تائين شروع ڪيو ويندو.اها ڳالهه ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي.سندس چوڻ آهي ته گذريل سال برساتن سبب انفراسٽرڪچر سخت متاثر ٿيو آهي، برساتن سبب ريلوي ٽريڪ به سخت متاثر ٿيو هو.خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته ريلوي آفيسرن ۽ ملازمن ڏينهن رات ڪم ڪيو ته ٽريڪ بحال ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته محدود وسيلن ۽ مشڪلاتن باوجود مسافرن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.ريلوي واري وزير اهو به چيو ته ڪوٽلي-لاڙڪاڻو سيڪشن تي ريلوي کي بحال ڪيو ويو آهي، بند پيل ٽرين کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو