ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ ايل اين جي ڪارگو جي آمد سان گيس جو بحران ٽٽي ويو. بجلي ۽ ڀاڻ سميت سمورن صنعتن کي گئس مڪمل طور تي بحال ٿي وئي آهي، جڏهن ته گهريلو صارفين لاءِ گئس جو پريشر به بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.سوئي ناردرن اختيارين موجب ايل اين جي سسٽم ۾ شامل ٿيڻ سان بحران ٽٽي ويو. بجلي ۽ ڀاڻ سميت سمورن صنعتن کي گئس مڪمل طور تي بحال ڪئي وئي آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته گهريلو صارفين لاءِ به گئس جو پريشر بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، سسٽم ۾ 1800 ملين ڪيوبڪ ميٽر گيس موجود آهي ۽ هن وقت گئس جي ڪا به کوٽ ناهي.سوئي ناردرن اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽيل اينڊ پراڻن علائقن ۾ گيس جي کوٽ انفرادي مسئلو آهي، گهرن ۾ گيس ڪمپريسر جو استعمال غير قانوني آهي، ان جي روڪٿام لاءِ ڇاپا هڻي ٽيمون جوڙيون ويون آهن.آفيسرن جو اهو به چوڻ آهي ته جنهن گهر جو ڪمپريسر قبضو ڪيو ويو ان جو ميٽر به ڪٽيو ويندو.
