ايف پي بچاءَ بند کي گهارو، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

جوهي )رپورٽ منصور گاڏهي(نئين گاج جو وهڪرو ايف پي بند ذريعي منڇر طرف ويندڙ پاڻي آر ڊي 50 کان ايف پي بچاء بند کي گذريل ڏينهن روُڻيون پئجي ويون ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود  آبپاشي انتظاميا رُوڻيون بند ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ سبب روڻون هڪ وڏي گهاري ۾ تبديل ٿي ويون. جوهي جي يونين ڪائونسل ساوڙو ۽ ڪمال خان جا ڳوٺ مولوي نور محمد رودناڻي, محبت رودناڻي, ڪمال رودناڻي, سليمان فقير کوسو, عبدالرحمن رودناڻي, احمد چانڊيو, خير محمد چانڊيو, حاجي فوٽو رودناڻي, عيسي رودناڻي, احمد رودناڻي, اڪبر رودناڻي سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته آبپاشي انتظاميا جي نااهلي سبب گذريل ڏينهن کان لڳل روڻيون بند نه ٿي سگهيون جنهن سبب گهارو پيو، وڏي مقدار ۾ پاڻي اچڻ سبب سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا انتظاميا خاموش تماشائي آهي ڳوٺاڻن پاران آبپاشي وزير سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڊيوٽي تي ويٺل انتظاميا ۽ عملدارن خلاف ايڪشن کنيو وڃي ۽ لڳل گهاري کي بند ڪري وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو