اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري شهر جي پوليس گينگ ريپ جو شڪار ٿيل ڇوڪري جي ٻڌايل پار پتن ۽ منهن منهانڊن جي روشني ۾ مک جوابدار جو خاڪو تيار ڪري سڀني ٿاڻن تي پهچائي ڇڏيو آهي. پوليس موجب جوابدار جو خاڪو سندس اصل روپ سان 80 سيڪڙو هڪجهڙائي رکي ٿو، سندس رنگ سانورو ۽ قد 6 فٽ جي لڳ ڀڳ آهي. 2 فيبروري تي شام جو پيش آيل وقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته مرگلا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنسي تشدد روڪڻ وارو سيل جاچ ڪري پيو، ڊي آءِ جي سهيل ظفر چٺا جانچ جي نگراني ڪري رهيو آهي. متاثره ڇوڪري پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته هوءَ پنهنجي دوست سان گڏ ايف نائين پارڪ جنهن کي فاطمه جناح پارڪ به سڏيو ويندو آهي، ان ۾شام جي وقت ٻن هٿياربند جوابدارن سندس ساٿي کي پري وٺي ويا ۽ هنکي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. جڏهن ته ڇوڪري کي پاسي ۾ وڻن جي جهڳٽي ۾ وٺي ويا، جتي سندس ڪپڙا لاهي اهي پري اڇلايا ويا جيئن هوءِ ڀڄي نه وڃي. ٻنهي جوابدارن واري واري سان زنا ڪئي ۽ مشورو ڏنو ته شام جي وقت پارڪ نه ايندي ڪر. ڇوڪريءَ جي پمز اسپتال ۾ ٿيل طبي معائني ۾ مٿس تشدد ثابت ٿيو آهي پر جنسي تشدد بابت جزا فارينزڪ ليبارٽري لاهور موڪليا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري کي وڌيڪ ٽيسٽ لاءِ لاهور وٺي وڃڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل پارڪ ۾ شام جي وقت اڪثر مرد ۽ عورتون واڪ ڪندا آهن، اڳ ۾ به ريپ جو وقعو ٿيو هو پر ان بعد سي سي ٽي وي ڪيمرا وغيره نصب نه ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته پارڪ جي ملازمن ۽ ۽ ان وقت موجود ڪجهه ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو