ايف بي آر ٽيڪس وصولي جو هدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف پورو ڪرڻ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي ويو آهي. ذريعن موجب جولاءِ کان مئي تائين ٽيڪس وصولين جو هدف 6 هزار 640 ارب رپيا هو پر جولاءِ کان مئي تائين 6 هزار 200 ارب رپيا گڏ ٿي سگهيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته جولاءِ کان مئي تائين ايف بي آر کي ٽيڪس وصولين ۾ 440 ارب رپين جي شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو، مئي جي مهيني ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف 621 ارب رپيا هو پر مئي جي مهيني ۾ ايف بي آر 567 ارب رپيا گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان ڏس ۾ ايف بي آر کي مئي جي مهيني ۾ ٽيڪس وصولي ۾ 54 ارب رپين جي گهٽتائي جو منهن ڏسڻو پيو.هن سال 30 جون تائين ايف بي آر کي 7 هزار 604 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ڪرڻا آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ جون ۾ 964 ارب رپيا گڏ ڪرڻا آهن.ايف بي آر موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو مئي ۾ خالص روينيو جي مد ۾ 572 ارب رپيا ۽ ڊوميسٽڪ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 205 ارب رپيا گڏ ڪيا، جيڪي مئي 2023ع جي ڀيٽ ۾ 57 سيڪڙو وڌيڪ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو