ايف بي آر (ڪسٽم) ۾ 5 ارب رپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ڪسٽم) ۾ 5 ارب رپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.رپورٽ موجب درآمدي سامان تي مڪمل ٽيڪس وصول نه ڪرڻ سبب 3 ارب 52 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته گودامن ۾ 1 ارب 45 ڪروڙ رپين جي بي قاعدگين، غبن ۽ چوري جو انڪشاف ٿيو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سمگل ٿيل گاڏيون، سمارٽ فونز ۽ کاڌي پيتي جو سامان گودامن ۾ ڇڏيو ويو ۽ خراب ڪيو ويو.رپورٽ موجب ضبط ڪيل 300 گاڏين جي نيلام نه ٿيڻ سبب 807.1 ملين رپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ 18.86 ملين رپين جا 46 هزار 982 سمارٽ فونز به نيلام نه ڪيا ويا.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته کاڌي پيتي جي شين سميت 42 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو ٻيو سامان به تباهه ڪيو ويو، عملدارن 2 ڪروڙ 41 لک رپين جون 3 گاڏيون 1 ڪروڙ 39 لک رپين ۾ وڪرو ڪيون.رپورٽ موجب ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جي گودامن مان به 91 لک 80 هزار رپين جو سامان چوري ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو