اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي ۽ اسلام آباد پوليس کان عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري درخواست منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي.ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان غير قانوني گرفتاري روڪڻ جي درخواست ڪئي آهي، جيڪڏهن مان توهان جي درخواست منظور ڪريان ته توهان جي موکل کي گرفتار ڪيو ويندو، ڇا مان چوان ته غير قانوني ناهي ته پوءِ قانوني طريقي سان گرفتار ڪيو وڃي؟ چيف جسٽس فيصل چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پنهنجي موکل سان ائين نه ڪن، مان رڳو هن عدالت جي دائري اختيار تائين حڪم ڏئي سگهان ٿو.فيصل چوڌري دليل ڏيندي چيو ته ماضي ۾ به ساڳئي عدالت نواز شريف جي صحتياب ضمانت طلب ڪئي هئي.جنهن بعد عدالت ايف آءِ اي ۽ اسلام آباد پوليس کان تفصيل طلب ڪندي سڀاڻي تائين عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
