ايف آءِ اي شهباز شريف کي کنڊ اسڪينڊل ۾ طلبي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) لاهور کنڊ اسڪينڊل ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کي 22 جون تي طلب ڪري ورتو. ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف 22 جون تي پيش نه ٿيو ته ان کي گرفتار به ڪري سگهجي ٿو. نوٽيس ۾ شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ويو آهي ته اوهان کي رمضان شوگرملز ۾ ننڍن ملازمن جي کاتن ۾ ڪيل 25 ارب روپين تي جواب ڏيڻا آهن.ڇا اوهان کي رمضان، العربيه شوگرملز ۽ ٻين جعلي اڪائونٽس ۾ اماڻايل ۽ ڪڍرايل 25 ارب رويپن جي خبر آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اوهان کي ٻه  ڀيرا سوالنامو اماڻيو ويو آهي  پر اوهان ان جو ڪوبه جواب ناهي ڏنو.جنوري 2021 ۾ اوهان کي ٻيهر ياد ڏياريو ويو ته اوهان چيو ته عطا تارڙ اوهان جا جواب جمع ڪرائيندو پر جواب جمع نه ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو