ايف آءِ اي جي ڪارروائي، ويزا جعلسازي ۾ ملوث 10 جوابدار گرفتار

ايف آءِ اي جي ڪارروائي، ويزا جعلسازي ۾ ملوث 10 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اميگريشن ونگ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي پرڏيهه مان ايندڙ ويزا جعلسازي ۾ ملوث 10 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي ترجمان موجب پرڏيهه مان آيل 10 مسافرن کي گرفتاري بعد اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل منتقل ڪيو ويو آهي.جوابدار دبئي کان اڏام نمبر ايف زيڊ 333 ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ پهتا هئا، جوابدارن جي پاسپورٽ تي جعلي ويزا هئا، ويزا تي هولوگرام، واٽر مارڪ ۽ ٻيون خاصيتون نه هيون.جوابدارن جي ويزا تي لڳل اسٽيمپ به تبديل ڪيا ويا، گرفتار جوابدارن جو تعلق حافظ آباد ۽ منڊي بهاءُ الدين سان آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي شروعاتي جاچ موجب جوابدار زيارت جي ويزا تي ايران ويا هئا، جوابدارن عراق جي ويزا 2 لک في ماڻهون ايجنٽ کان حاصل ڪئي هئي، جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪراچي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو