ايشيا ڪپ هائبرڊ ماڊل، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جو گرين سگنل

ايشيا ڪپ هائبرڊ ماڊل، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جو گرين سگنل

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي بنگلاديش ۽ سريلنڪا پاران نئين هائبرڊ ماڊل لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب ٻنهي ملڪن کي پاڪستان ۾ پهريون رائونڊ کيڏڻ تي ڪو به اعتراض ناهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ بورڊن پي سي بي کي اي ميل ذريعي يقين ڏياريو آهي، جڏهن ته بي سي سي آءِ ۽ پي سي بي وچ ۾ اڃا تائين سڌو سنئون رابطو ناهي ٿيو. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جو اندروني اجلاس ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ دبئي ۾ ٿيندو.ذريعن موجب اجلاس ۾ اي سي سي سربراهه جئي شاهه به شرڪت ڪندو، جتي پي سي بي جي نئين تجويز ڪيل هائبرڊ ماڊل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.حتمي اجلاس ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اندروني اجلاس کانپوءِ سڏايو ويندو، حتمي اجلاس هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ سڏائي سگهجي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي گيٽ پئسي سبب ايشيا ڪپ يو اي اي ۾ ڪرائڻ چاهي ٿو، يو اي اي ۾ ٽڪيٽن جي وڪرو سان سريلنڪا ۽ بنگلاديش کان وڌيڪ مالي فائدو ٿي سگهي ٿو.هائبرڊ ماڊل جي منظوري کانپوءِ پي سي بي غير جانبدار هنڌ تي به لچڪ ڏيکاري سگهي ٿو.پي سي بي وٽ لاجسٽڪس جي لحاظ کان سريلنڪا جي ڀيٽ ۾ يو اي اي ۾ سستا غير جانبدار هنڌ هوندو، ٻيو آپشن سريلنڪا جي ڊمبولا ۽ پيليڪل اسٽيڊيمز کي غير جانبدار ويننس طور استعمال ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو