ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي ۾ مال پھچڻ شروع

ڪراچي (باغي ساگر پنھوار  ) ڪراچي سپر ھاء وي سھراب ڳوٺ ڀرسان ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي ۾ پاڪستان جي چئني صوبن سنڌ پنجاب، خيبر پختونخواھ، بلوچستان مان جانور پھچڻ جو سلسلو جاري آھي، قرباني جي جانورن سميت مال پڙي اندر کاڌي پيتي جا اسٽال لڳائڻ جو سلسلو تيزي سان شروع ٿي چڪو آھي، ان حوالي سان مال پڙي جي ترجمان ياور رضا چاولا ٻڌايو ته پاڪستان جي چئني صوبن مان ھر رنگ ۽ نسل جا ڏھ ھزار کان وڌيڪ جانور مال پڙي ۾ پھچي چڪا آھن، جڏھن ته واپارين کي وي وي آء پي، وي آء پي، سيمي وي آء پي بلاڪ ۽ ڪمرشل جاين لاء پڻ پھرين اچو ۽ پھريان وٺو جي بنياد تي فارم پڻ واپارين کي ڏنا پيا وڃن، ھر سال جيان ھن سال مال پڙي 9 ھزار ايڪڙن تي لڳائي وئي آھي، مال پڙي اندر پرنٽ مڊيا ۽ اليڪٽرڪ مڊيا جي صحافين لاء خاص جڳھ ٺاھي آھي جتان مال پڙي جي پوري صورتحال کان کي آگاھ ڪيوويندو، ٻي طرف رحيم يار خان، راجن پور، شيخوپور، سرگودھا، ڪوٽ مٽن، جيڪب آباد، نوشھروفيروز، مورو، دادو، لاڙڪاڻو، نوشھروفيروز سميت مختلف علائقن مان آيل واپارين گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي ٽيم کي ٻڌايو ته مال پڙي ۾ پھرين کان وڌيڪ بھترين انتظام ٿيل آھن، اسين ھر سال پنھنجا جانور ھتي کڻي ايندا آھيون، مال پڙي جي سيڪيورٽي انچارج طارق چوڌري ۽ محسن شاھ ٻڌايو ته مال پڙي ڀرسان قائم سوسائٽين کي سھولتون فراھم ڪري رھيا آھيون، ھتان جي رھواسين کي ڪابه شڪايت ھجي ته ھو اسان سان 24 ڪلاڪ رابطو ڪري سگھن ٿا،

پهنجو تبصرو موڪليو