ايشيا ڪپ،گرين شرٽس جو سفر ختم،سريلنڪا هٿان شڪست

ڪولمبو: (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ دفاعي چيمپيئن سريلنڪا پاڪستان کي سنسني خیز مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. سريلنڪا کي فتح لاءِ آخري بال تي 2 رنسن جي ضرورت هئي، سريلنڪا پاڪستان طرفان ڏنل 252 رنسن جو هدف ميچ جي آخري بال تي 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ڪوشل مينڊس 91 رنسون ٺاهي شاندار آئوٽ رهيو. ان فتح سان سريلنڪا ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو جتي آچر تي ڀارت جو مقابلو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو