ايس ٽي پي ڪارڪنن جو نادرا انتظاميه جي ناجائزين خلاف احتجاج

ڪشمور(صغر علي چانڊيو ) ايس ٽي پي تعلقه صدر رفيق احمد چنا، شھري ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ وزير چنا ، نياز جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان نادرا آفيس انچارج خلاف سخت نعريبازي ڪري برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي ايس ٽي پي ورڪرن دانھيندي چيو ته ڪشمور نادرہ آفيس ۾ ھزارين جي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھرائڻ لاءِ اچن ٿا کيس نادرا آفيس اندر نٿو ڇڏيو وڃي. مظاهرو ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن الزام لڳائيندي چيو ته من پسند ماڻهن کي پنهنجي ايجنٽ معرفت ڏيتي ليتي عيوض اندر ڇڏيو وڃي ٿو ڪشمور نادرہ انچارج صادق سومرو نادرہ آفيس ۾ آيل شھرين ۽ عورتن کي سيڪيورٽي گارڊن کان ڌڪا ڏئي تذليل ڪرائي ٿو. ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته ھزارن جي تعداد ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھرائڻ لاءِ آيل شھري نادرا آفيس اچن ٿا کيس سڄو ڏينهن ٻاهر روڊ تي سخت سردي ۾ پيرن تي بيھي ڌڪا ٿاٻا کائي واپس گهر موٽي وڃن ٿا سالن جا سال سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھرائڻ ۾ لڳي وڃن ٿا. هنن وزير اعليٰ سنڌ، چيئرمين نادرا ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نادرا انتظاميه خلاف ڪارروائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت پرامن احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو