ايس ٽي پي پاران بحريا ٽائون خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ( وقار ڀٽي ) شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن بحريا ٽائون ۽ ڪراچي ۾ سنڌي وسندين تي قبضي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران بحريا ٽائون ۽ ڪراچي جي علائقي ملير جي ڳوٺن، سنڌي وسندين تي قبضي خلاف هٿن ۾ بينر، پينافليڪس ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي حيات تونيو، شبير مگسي، امداد سومرو،رشيد مگسي، سجاد تونيو ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسان جو مادر وطن آهي جنهن جا اسين هزارين سالن کان وارث ۽ مالڪ آهيون. هنن جو چوڻ هو ته ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي وطن جي وارثي تان دست بردار نه ٿينداسين. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو زرداري مافيا ۽ سندس ٽولو سنڌ دشمني ڪري سنڌ ڌرتي کي کپائي دولت ڪمائڻ گهري ٿو. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل 13سالن کان پيپلز پارٽي سنڌ تي حڪمراني ڪندي سنڌ کي ڀينگ ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته سنڌ دشمن پارٽين جو بائيڪاٽ ڪري سنڌ دوست پارٽين جا هٿ مضبوط ڪن. هنن جو چوڻ هو ته سندس پارٽي ايس ٽي پي  وڏي وقت کان پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪندي پئي اچي ۽ جهدوجهد جي ميدان ۾ آهي. هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ بحريا ٽائون ٺهڻ ۽ سنڌي وسندين تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين ڇاڪاڻ ته بحريا ٽائون جي آڙ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو آهي. هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڪراچي جي مختلف سنڌين وسندين تي قبضا ختم ڪرائي بحريا ٽائون سميت سمورا منصوبا بند ڪرائي سنڌي ماڻهن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو