ايس يو پي پاران بحريا ٽائون ۽ سنڌ حڪومت خلاف احتجاج

نوشھروفيروز (رپورٽ منظورملڪ)مرڪزي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نوشھروفيروز پاران بحريا ٽائون ۽ سنڌ حڪومت جي انتظاميه طرفان هڪ دفعو ٻيهر ڳرين مشينن ۽ هٿياربندن طرفان  ملير جي قديمي ڳوٺن تي ڪاھ  ڪري رهواسين کي لڏائڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال۔ مهر وسطڙو۔ جسقم جو منير وسطڙو۔ ياسر وسطڙو۔ ايس ٽي جو امجد راڄپر ۔ لالا آصف طالب مبيجو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل پلاننگ تحت ملير  ۽ ڄامشورو جي زمينن تي قبضن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ملڪ رياض سان گڏ سندس پارٽنر آصف زرداري ۽ سندس سرڪار مڪمل سهڪاري آهي.ڪراچيءَ جا سنڌي ڳوٺ سوين سالن کان آباد آهن پر پيپلزپارٽي جي سرڪار انهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ بجاءِ هڪ بلڊر جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جنهن جي جنهن مهل دل چاهي ٿي بلدوزر گهرائي تشدد ڪرائي، ڪيس ڪرائي سندن زمينن تي قبضا ڪرائي رهيو آهي  بحريا ٽائون انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت هوش کان ڪم وٺي. سنڌ جون زمينون سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاھ کي سڌا حڪم زرداري هائوس ۽ بلاول هائوس کان ملي رهيا آهن ته ڳوٺاڻن تي ڏاڍ ۽ جبر ڪري لڏايو وڃي۔ جيڪڏهن بحريا ٽائون انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت ڳوٺاڻن کي هيسائي لڏائڻ ۽ تشدد ڪرڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪئي ته سموري سنڌ جا سياسي ڪارڪن پنهنجي ماڻهن ۽ وطن جي دفاع ۾ سڀ کان اڳيان هوندا.هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪا زمين سپريم ڪورٽ طرفان بحريا ٽائون کي ڏني وئي آهي ان کان وڌيڪ زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه  ڪئي ويندي. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي فوري طور نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو