ايس يو پي پاران بحريا ٽائون جي ڳوٺن تي چڙھائي جي مذمت

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنھوار ) بحريا ٽائون جي نورمحمد گبول ڳوٺ تي چڙھائي مرحوم فيضو گبول جو پٽ مراد گبول تشدد بعد گرفتار، گڏاپ جي ڳوٺاڻن سان بحريا ٽائون جا ٽين ڏينھن به ظلم تشدد فائرنگ جاري  ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاج سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران مذمت احتجاج جو اعلان.ٽن ڏينھن کان گڏاپ جي ڳوٺن تي بحريا ٽائون عملدارن مختيارڪار گڏاپ، پوليس سرپرستي ۾ مقامي قديمي ڳوٺن تي ھائوي مشينري ساڻ ڪري ڳوٺاڻن جي ڳوٺن ۽ لنگن تي چڙھائي ڪرڻ خلاف،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو، ضلع اولھ صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، نائب صدر ايڊوڪيٽ صداقت علي ڳورڙ، حاصل مري ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بحريا ٽائون گڏاپ جي مقامي ماڻھن سان ناانصافيون ڪري قديمي ڳوٺن کي ڊاھي ظلم جا پھاڙ ڪيرائڻ بند ڪري، افسوس ته اھو آھي جو مقامي چونڊيل نمائندا چپ جو روزو رکي پ پ حڪومت کان ڳوٺن کي ڊھرائڻ عيوض پنھنجا بڀ ڀرڻ ۾ پورا، اسان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سخت مذمت ڪندي گھر ڪيون ٿا ته ڊي سي ملير، مختيارڪار گڏاپ رشوت جي بازار کي گرم ڪندي سنڌي ڳوٺن تي ڳجھن وارا لامارا ڏيئي برطانيه دور جي ڳوٺن کي مسمار ڪري مقامي ماڻھن تي ڪوڙيون ايف آء آرون داخل ڪري گرفتاريون ڪري رھيا آھن، اسان اھڙي عمل جو سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسان تمام سنڌ جي قوم پرست ڌرين کي چئون ٿا ته بحريا جي ظلم کان ڳوٺاڻن کي بچائڻ خاطر پنھنجو قردار ادا ڪن، اسان حڪومت سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته مختيارڪار گڏاپ، ڊي سي ملير کي بدلي ڪري قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان پارٽي پاران پوري سنڌ ۾ احتجاجن جو اعلان ڪنداسين،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو