ايس ايڇ او شادي پلي سميت 4 اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل

ميرپورخاص(سيد بشير شاهه)  نوجوان کي بنا ڏوهه اغوا ڪري قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شادي پلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر عزيز سينهڙو، اي ايس آئي هوت ڪپري، پوليس اهلڪار عبدالستار ڪنڀار ۽ مهاديو ميگھواڙ خلاف قتل اغوا ۽ انسداد دهشت گردي جي شقن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس اسٽيشن شادي پلي جي حد ۾ ھڪ ھفتواڳ گرفتار نوجوان ڪانڀو شر جو لاش پوليس اسٽيشن مان ملڻ بعد 2 ڏيھن گذري ويا لاش جي تدفين نه ٿي سگھي.  وارثن پاران مسلسل ٻئي ڏينھن به احتجاج ڪيو ويو. فوتي ڪانڀو شر جو لاش ڊي آئي جي آفيس اڳيان رکي ڌرڻو  ھنيو ويو. پوليس جي اعلي عملدارن پاران شادي پلي پوليس جي ايس ايڇ او عزيز سھينڙو سميت ٻين ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن سان ڊي آئي جي ميرپورخاص ثاقب اسماعيل ميمڻ  ملاقات ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو . احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻ عمر شر، اسلم شر، ۽ ٻين  ٻڌايو ته بغير ايف آئي آر جي  ھڪ ھفتو اڳ ايس ايچ او شادي پلي عزيز سينھيڙو ڪانڀو ولد ايوب شر کي گرفتار ڪيو ۽ تشدد سبب هو فوت ٿي ويو ۽ پوليس خودڪشي جو ڊرامو ڪيو. ڌرڻي ۾ پي ٽي آئي آءِ اڳواڻ آفتاب قريشي عزيز لغاري .ايس يو پي اڳواڻ واجد لغاري .لالا اظهر پٺاڻ، منظور ميمڻ، عبيد بنڳلاڻي عوامي تحريڪ جو ڊاڪٽر دلدار لغاري سنڌ گريجوويٽ ايسوسئيشن صدر تاج رند پڻ شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو