ايس ايڇ او سميت 4 پوليس اهلڪارن تي ڦر جو ڪيس داخل

ٺل(عبدالنبي شيخ) اسٽيشن روڊ تي واقع الحبيب رائيس مل جي مالڪ اعجاز احمد کوسو پاران ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالواحد ٻرڙو سميت 4 پوليس اهلڪارن جي خلاف سيشن ڪورٽ جيڪب آباد ۾ ڦر جو ڪيس داخل ڪرائڻ واري درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران 10 ڏينهن اڳ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو  ويو هو. اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران فريادي اعجاز احمد کوسو کي ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو، جڏهن ته اڳوڻي ايس ايڇ او پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي کان اسٽي آرڊر ورتو هو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اسٽي آرڊر رد ٿيڻ بعد هاءِ ڪورٽ به ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد ايس ايڇ او عبدالواحد ٻرڙو،پوليس اهلڪارن احسان چنو، اميرالله نوناري، قالو نوناري ۽ صادق جکراڻي کانسواءِ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف 56 هزار روپين جو ڊيزل، 50 هزار جو موٽر ۽ 20 هزار روڪ ڦر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. الحبيب رائيس مل جي مالڪ اعجاز احمد کوسي ٻڌايو ته اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ پوليس اهلڪارن منهنجي رائيس مل تي بلاجواز چڙهائي ڪري ڊيزل، موٽر ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو