سکر (امداد ڪلوڙ) ايڊيشنل آءِ جي سکر ايس ايس پي شڪارپور کي هڪ ڏينه تعريفي ليٽر جاري ڪرڻ بعد ٻئي ڏينهن شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان کي شوڪاز نوٽيس اُماڻيو آهي، جنهن ۾ 3 هفتا اڳ هيرا مَل نالي شخص جي اغوا بابت آگاهه نه ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪر ورتي آهي. شوڪاز نوٽيس ۾ ايس ايس پي شڪارپور کي چيو ويو آهي ته هفتو اڳ ڪيشو مل عرف هيرا مل نالي شخص اغوا ٿيو، اُن بابت ايڊيشنل آءِ جي سکر کي اطلاع ڇو نه ڏنو ويو؟ شوڪاز نوٽيس ۾ ايس ايس پي شڪارپور کي چيو ويو ته ڌاڙيلن هيرا مل جي ڀاءُ سان رابطو ڪري ڀُنگ جي رقم طلب ڪئي، تڏهن به توهان آگاهي نه ڏني. شوڪاز نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڪيشو مل جا وارث ايس ايس پي شڪارپور سان هر هر ملاقات ڪندا رهيا، تڏهن به پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ حرڪت ۾ نه آئي. اِن سموري صورتحال ۾ توهان (ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان) جي عدم دلچسپي ظاهر ٿي رهي آهي. ايس ايس پي شڪارپور کي هفتي اندر شوڪاز نوٽيس جو جواب ۽ ڪيشو مل جي اغوا جي حوالي سان تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ کيس تعريفي ليٽر جاري ڪري روپوشن خلاف موثر ڪاروائي تي شاباش ڏني هئي. ياد رهي ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ سعيد غني خلاف سيڪريٽ رپورٽس تيار ڪري مٿن ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جي سرپرستي جو الزام هنيو هو.
