ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، ڳولا جاري

تهران (ويب ڊيسڪ) آذربائيجان ۾ اريراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن کانپوءِ هيلي ڪاپٽر ۽ ان ۾ سوار ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر آذربائيجان جي اوڀر صوبي ۾ رف لينڊنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ امدادي ٽيمون اوڏانهن روانيون ٿي ويون. اهو حادثو ورزاغان جي علائقي دزمر ۾ ٻيلن سان ڀريل جابلو علائقي ۾ پيش آيو، جنهن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ابراهيم رئيسي ايران ۽ آذربائيجان جي سرحد تي پنهنجي هم منصب الهام اليوف سان گڏ ڊيم جي منصوبي جو افتتاح ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اتان واپسي تي هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو. ايران جي گهرو وزير احمد واحدي موجب خراب موسم سبب قافلي ۾ شامل هڪ هيلي ڪاپٽر هنگامي لينڊنگ ڪئي ۽ هيلي ڪاپٽر سان رابطو ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ايراني ميڊيا رپورٽن موجب جنهن هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش آيو، ان ۾ ايراني صدر سان گڏ پرڏيهي وزير حسين عامر عبداللهيان، اوڀر آذربائيجان جو گورنر ملڪ رحمتي ۽ ڪجهه مقامي اهم عهديدار به سوار هئا.صدر جو قافلو ٽن هيلي ڪاپٽرن تي ٻڌل هو ۽ ڪجهه ميڊيا رپورٽن موجب جنهن هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش آيو، ابراهيم رئيسي ان ۾ ئي سوار هو، جڏهن ته ٻيا ٻه هيلي ڪاپٽر حفاظت سان لينڊ ڪري چڪا آهن، جن ۾ ايران جو توانائي وارو وزير علي اڪبر مهرابيان ۽ هائوسنگ ۽ ٽرانسپورٽيشن وارو وزير مهرداد بازرپش موجود هئا. اڃا تائين حادثي ۾ ڪنهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق يا ترديد ناهي ٿي سگهي. 63 ورهين جو ابراهيم رئيسي 2021 کان ايراني صدر جي عهدي تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو