حيدرآباد (رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ پاران 3 آگسٽ خميس جي ڏينهن منجهند 12 وڳي مٺي شهر ۾ ٿر بچايو، ڪارونجهر بچايو ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان، جنھن جي صدارت قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ڪندو. اياز لطيف پليجو ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٿر ۽ ڪارونجھر سنڌ سونهن ۽ تاريخ ڪئي، پيپلزپارٽي کي سنڌ جي ماڻهن سان ڪا بہ محبت ڪونهي، انھن کي سنڌ جا وسيلا گھرجن روزانو انهن وسيلن تي قبضن ۽ ڌاڙن جي منصوبابندي ڪئي وڃي ٿي اياز لطيف پليجي چيو تہ ٿوري برسات شھرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي۔ شھر ۾ پاڻي جو نيڪال سسٽم بھتر نہ ھجڻ ۽ ڊرينيج جي تباھي جي ڪري رستا، گھٽيون ۽ اڪثر گھرن ۾ پاڻي بيھي رھيو آھي۔ بجلي جو نظام درھم برھم آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀ کان وڌيڪ پئسا کائيندڙ لوڪل گورنمينٽ کاتي جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ڪروڙين ماڻھو مشڪل ۽ مصيبت ۾ آھن۔ دنيا ۾ ماڻھو برساتن کي انجواء ڪن ٿا پر اسان وٽ حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ نااھلي جي ڪري ماڻھو تڪليف ۾ اچيو وڃن۔ اياز لطيف پليجي چيوته سمورن شھرن جو ڊرينيج سسٽم ٻيھر ڊزائن ڪري سئو سالن جي منصوبابندي تحت ٺاھيو وڃي تہ جيئن ڪنھن بہ شھر ۾ پاڻي نيڪال جو سسٽم عوام لاء عذاب نہ بنجي سگھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جون ڪوڙيون دعوائون ڪندڙ حڪمران پنھنجي ڪارگردي جي تصوير آئيني ۾ ڏسن، سنڌ ۾ ماڻھو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي زندگين جا ڏيئا اجھائي رھيا آھن۔ سنڌ ۾ ماڻھو حڪمرانن جي بي حسي ۽ ڪرپشن جي ڪري آپگھات ڪري رھيا آھن۔ عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن۔ مزدور، ھاري ۽ غريب عوام کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪيو ويو آھي۔
