اوڍا ۽ خروس خوني تڪرار جو نبيرو، 2 ڪروڙ 67 لک ڏنڊ

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) 10 سال اڳ ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ ڇتو اوڍو ۾ اوڍا ۽ خروس برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ زميني تڪرار جو راڄوڻي فيصلو جيڪب آباد جي ڳوٺ آدم پنھور ۾ سردار مير منظور خان پنھور جي سرپئنچي ھيٺ ٿي گذريو. راڄوڻي فيصلي ۾ ايم اين اي غوث بخش مھر ۽ سردار محمد پناھ خان اوڍو اوڍا ڌر پاران مشير طور شرڪت ڪئي جڏھن ته ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي ۽ ڪريم ڏنو بڊاڻي خروس ڌر پاران مشير طور شرڪت ڪئي. فيصلي ۾ ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن توڙي برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اوڍا ڌر جي خير محمد اوڍو ۽ خروس ڌر جي منظور خروس پنھنجا بيان ڪيا ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد سرپئنچ مشيرن سان بند ڪمري ۾ ٻن ڪلاڪن تائين صلاح مشوري کان پو ڌرين جي آڏو فتويٰ ڏني جنھن بعد سرپئنچ پاران ڏنل فتويٰ ڪريم ڏنو بڊاڻي پڙھي ٻڌائي.

ٿيل فيصلي موجب في خون جي بھا 15 لک روپيه مقرر ڪئي وئي جڏھن ته زخمي جي ھڪ لک عورت زخمي جي 2 لک روپيه ۽ شديد زخمي جي 2 لک کان 5 لک روپيه بھا مقرر ڪئي وئي. ڏنل فتويٰ موجب اوڍا ڌر جا خروس ڌر مٿان ھڪ واٽھڙو سميت 15 خون ثابت ٿيا جنھن جا 2 ڪروڙ 10 لک ۽ ھڪ عورت سميت 8 زخمين جا 9 لک روپيه چٽي رکي وئي اھڙي طرح خروس ڌر اوڍا ڌر کي 2 ڪروڙ 18 لک روپيه چٽي ڀري ڏيندا جڏھن ته خروس ڌر جا اوڍا ڌر مٿان 2 خون ۽ 8 زخمي ثابت ٿيا 2 خونن ۽ 8 زخمين جا اوڍا ڌر مٿان 49 لک روپيه چٽي رکي وئي جيڪا اوڍا ڌر خروس ڌر کي ڀري ڏيندي جڏھن ته خروس ڌر پاران چٽيءَ جي رقم مان 5 لک روپيه ٿڏي تي ادا ڪيا ويا ۽ آخر ۾ ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو