بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي اوڀرندي علائقي ۾ زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون ۽ مختلف حادثن ۾ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا.آمريڪي زلزلي واري مرڪز موجب اوڀر چين ۾ زلزلي جي شدت 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلو چين جي شهر ڊيزو جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ آيو، پر بيجنگ ۽ شنگهائي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي سبب ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو ۽ مختلف حادثن ۾ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
