اولمپڪس گيمز ختم، آمريڪا، چين ۽ جاپان ٽاپ تي

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) اولمپڪس گيمز 2020  جيڪي ڪورونا وائرس سبب هڪ سال دير سان 2021 ۾ 23 جولاءِ کان منعقدٿيون اهي 16 ڏينهن جاري رهڻ بعد ختم ٿي ويون. اولمپڪ جو جهنڊو فرانس حوالي ڪيو ويو هاڻي 2024 اولمپڪس گيمز پيرس ۾ ٿينديون. ٽوڪيو اولمپڪس ۾ آمريڪا پنهنجي برتري برقرار رڱندي مجموعي طور 113 تمغا حاصل ڪيا جن ۾ 39 سون، چاندي جا 41 ۽ پتل جا 33 تمغا شامل آهن. ٻئي نمبر تي چين رهيو جنهن مجموعي طور 88 تمغا حاصل ڪيا جن ۾ سون جا 38، چاندي 32 ۽ پتل جا 18 تمغا حاصل ڪيا. ٽئين نمبر تي مرزبان جاپان رهيو جنهن سون جي 27، چاندي جا 14 ۽ پتل جا 17 تمغا حاصل ڪري مجموعي طور 58 تمغا حاصل ڪيا. برطانيا ۽ روس چوٿين ۽ پنجين نمبر تي رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو