انگلينڊ کانپوءِ پاڪستان به سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان نميبيا کي 45 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان مسلسل چوٿين فتح سان انگلينڊ کان پوءِ سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي. پاڪستان طرفان ناٽ آئوٽ 79 رنسون ٺاهڻ تي محمد رضوان کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. نميبيا ٽن ميچن کانپوءِ ٻن پوائنٽن سان گڏ آهي ۽ ان جون ايندڙ ٻه ميچون نيوزيلينڊ ۽ ڀارت سان هونديون. ڏينهن جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا بنگلاديش کي آساني سان 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو