انگلينڊ پاڪستان کي واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن(م ڊ) انگلينڊ اڪيلي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪپتان ايئن مورگن جي شاندار ففٽي سبب راند کٽي ورتي. انگلينڊ جي اوپنرز مان ونس 36 ۽ ڊوڪٽ 9 رنسون ٺاهيون. روٽ 47 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي جي ويجهو پهچايو. ڪپتان مورگن ذميدارانه بيٽنگ ڪندي 57 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي. اڳ م بيٽنگ ڪندي پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون اسڪور ڪيون. بابر اعظم ۽ حارث سهيل ففٽيز اسڪور ڪيون پر ڪنهن ڪم نه آئيون. باربادوس ڄائي انگلينڊ جي بالر آرچر شاندار بالنگ ورائٽي سبب پڪساتني بيٽسمينز کي سخت پريشان ڪيو. هن 4 اوورز ۾ 29 رنسون ڏئي 2 رانديگر آئوٽ ڪيا. فخر الزمان ۽ امام الحق ست ست رنسون ٺاهي سگهيا. آرچر پهرين اوور ۾ وڪيٽ وٺي پاڪستان تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو. آرچر جي شاندار بالنگ سبب 5 اوورز ۾ 31 رنسن تائين پاڪستان ٻن وڪيٽن تي محدود رهيو پر بعد ۾ پاڻ سنڀاري ورتو. حارث سهيل ڪرس جارڊن کي اننگ جو پهريون ڇڪو هنيو ۽ بعد ۾ بابر اعظم لڳاتار اسپنر جو ڊينلٿ کي ڇڪا هڻي 31 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. جارڊن جي آخري اوور م پاڪستان 18 رنسون ٺاهيون پر انگلينڊ جي ڪپتان مورگن پاڪستاني بالرن کي ڌوئي ڇڏيو ۽ ميچ کٽن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.       

پهنجو تبصرو موڪليو