مانجهند لڳ 2 روڊ حادثا 2 ڄڻا فوت 5 ڄڻا زخمي

مانجهند(مهراڻ عمراڻي) انڊس هاءِ وي تي ٻن ڌار ڌار ٿيل يوڊ حادثن ۾  2 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. پهريون حادثو  سن لڳ پيش آيو جنهن ۾ ڪار موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو. ٻيو حادثو  خاڻوٺ لڳ پيش آيو جنهن ۾ مزدا ۽ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽڪر سبب پيش آيو. ڳوٺ سرائي سولنگيءَ وٽ انڊس هاءِ وي تي سن کان ڳوٺ بٺو ڏانهن ايندڙ موٽر سائيڪل سوارن کي حيدرآباد کان سيوهڻ طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار سجاد لاکو ۽ دلدار علي لاکو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاء مانجهند تعلقه اسپتال آندو پئي ويو ته 27 ورهين جو دلدار زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو.

مانجهند لڳ فوت ٿيل موٽر سائيڪل سوار جي حياتي جي تصوير

جنهن جي اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏھن ته زخمي سجاد لاکو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال  حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي موٽر وي پوليس  ڊرائيور کي ڪار سميت هٿ  ڪري وڏا ڇڇر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٻيو حادثو خاڻوٺ ويجهو ڳوٺ انب خان کوسو وٽ انڊس هاءِ وي تي حيدرآباد کان دادو طرف ويندڙ مزدا ۽ سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ 35 ورهين جو نوجوان ابرار احمد موقعي تي فوت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻنهي گاڏين ۾ سوار زخمين ۾ امير بخش دين محمد مزدا ڊرائيور اسامه کوسو سميت 4  شامل آھن فوتي جي لاش ۽ زخمين کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو خاڻوٺ پوليس تباه ٿيل ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين ٻنهي واقعن جا ڪيس داخل نه ٿي سگهيا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو