انڊس هاءِ وي تي ٻن مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا زخمي

خانپورمهر(ن س) انڊس هاءِ وي تي ٻن مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪري طبي امداد ڏني وئي. خانپورمهر ويجهو گلزار مهر وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ڳوٺ سنگرار واسي نوجوان شبير شاه زخمي ٿي بيهوش ٿي ويو جن کي رستي ويندڙن بيهوشي واري حالت ۾ خانپورمهر اسپتال پهچايو جتي عملو بيهوش ٿيل زخمي کي هوش ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪري هوش ۾ آندو پر اسپتال ۾ بجلي نه هجڻ ڪري گرمي جي شدت سبب زخمي مريض گرمي جون دانهون ڪندو رهيو. خانپور انڊس هاءِ وي ڪلر ڪوٽ لاڙو تي ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪار ماجد حسين شيخ روڊ ڪراس ڪري رهيو هو ته  تيز رفتار شڪارپور کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ ويگن ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ماجد شيخ شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي شڪارپور اسپتال اماڻيو ويو. جڏهن ته ويگن ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ ويگن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو