انڊس هاءِ وي تي حادثو، 10 مسافر زخمي

مانجهند( مهراڻ عمراڻي)مانجهند ويجهو لاکا انڊس هاءِ وي تي سيوھڻ کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار وين جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا، جن ۾ محمد جمن سيال، امجد علي،علي حسن، مسمات لعل بانون، غلام اصغر لنڊ، نثار نوناري، رخسانا سولنگي،گلان، بدرنوناري سميت 10 ڄڻا شامل آھن. جن کي مقامي ماڻھن مانجهند اسپتال منتقل ڪيو، جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو