انڊس هاءِ وي تي حادثو، پورهيت فوت، 4 ڄڻا زخمي

خانپور (زبيرگل) انڊس هاءِ وي مالاڪنڊ هوٽل ڀرسان رڪشه جي اوچتو ايڪسل راڊ ٽٽڻ ۽ ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري رڪشه ڪلٽي کائي ڪري پيو تيز رفتار ٽرڪ رڪشه جي مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ درگاهي لهر واسي شادي شدهه 2 ٻارن جو والد  برڪت لهر فوت ٿي ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتي جو لاش اڌ ڪلاڪ تائين روڊ تي پيل رهيو. اطلاع باوجود خانپور اسپتال 3 ڪلو ميٽر فاصلي تي هجڻ سبب ايمبولنس نه موڪلي. خانپور پوليس ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ لاش کي ڊوزر رڪشه تي کڻائي آئي.

لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ساڳيو  فوتي جو مڙه ڊوزر رڪشه تي روانو ڪيو ويو. جڏهن گل مير، فدا حسين، محمد حنيف، رحيم بخش زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد گهر روانوڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ۽ زخمي رڪشه تي شڪارپور مزدوري جي لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. ٽرڪ کي خانپور پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته رڪشه ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو