ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر 1.99 رپيا وڌي 293.50 رپيا ٿي ويو.فاريڪس ايسوسي ايشن آف پاڪستان جي صدر ملڪ محمد بوستان چيو آهي ته امپورٽ ڪنٽينر روڪيا ويا هئا، جن کي هاڻي صاف ڪيو ويو آهي، ان ڪري ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي.ملڪ بوستان جو چوڻ آهي ته ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 291.51 رپين تي بند ٿيو.










