انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 15 پئسا ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 3 پئسا واڌ ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 15 پئسا 3 پئسا مهانگو ٿي ويو. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽربينڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 12 پيسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 420 پوائنٽس وڌي 73505 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 73 هزار 85 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو