انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 11 پئسا مهانگو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽربينڪ تي آمريڪي ڊالر اڄ صبح ڪاروباري هفتي جي شروعات تي وڌي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 11 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڊالر 277 رپيا 59 پئسا تي بند ٿيو. ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 71 پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ 45 هزار 139 تي اچي ويو آهي.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 45 هزار 67 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو