ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 45 پئسا گهٽتائي کانپوءِ 286.75 رپيا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287 رپيا 20 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس ڪالهه 153 پوائنٽس گهٽجي 48 هزار 611 تي بند ٿيو.ان کان علاوه ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ به 2800 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 50 رپيا رهيو.
