انٽر بئنڪ ۾ ڊالر بي قابو، 19 رپين کان وڌيڪ واڌ رڪاڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ تيزي اچي وئي ۽ ڊالر هڪ ئي وقت ۾ 19 رپين جو ٿي ويو.ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪالهه رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر 4.61 پئسا مهانگو ٿي 266.11 رپيا تي بند ٿيو.خميس ڏينهن ڪاروبار شروع ٿيڻ تي ڊالر جي قيمت ۾ هڪ رپيو 89 پئسا واڌ ٿي، ڊالر جي قيمت 268 رپيا ٿي وئي.ڪاروبار دوران ڊالر جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ ڊالر 18 رپيا 89 پئسا مهانگو ٿي 285 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪاروبار بند ٿيڻ سان رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي مهانگائي جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڊالر 18 رپيا 98 پئسا مهانگي سان 285 رپيا 9 پئسا تي بند ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو