ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.ڪالهه ڪاروبار جي بند ٿيڻ تي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو ۽ ڊالر 279.12 رپين تي بند ٿيو.انٽر بئنڪ ۾ خميس تي ڪاروبار جي شروعات کان وٺي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي.انٽر بئنڪ ڪاروبار دوران هن وقت تائين ڊالر جي قيمت ۾ 2 رپيا 88 پيسا واڌ ٿي چڪي آهي، جنهن سان ڊالر جي قيمت 282 رپيا 50 پئسا ٿي وئي آهي.
