انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.ڪالهه ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جي قيمت ۾ معمولي واڌ ٿي ۽ ڊالر 286 رپيا 64 پئسا مهانگائي سان بند ٿي ويو. اڄ اڱاري ڏينهن واپار دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي ۽ ڊالر جي قيمت ۾ 39 پئسا گهٽتائي ٿي وئي آهي.هڪ آمريڪي ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ هن وقت 286 رپيا 25 پئسا آهي.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿي 290 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو