انٽر بئنڪ: ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 277 رپيا جو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 54 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 277 رپيا 27 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 276 رپيا 46 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ جي شروعات تي مثبت ڪاروباري رجحان بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 8 پوائنٽن جي واڌ سان 45 هزار 275 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 45,266 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو