انٽرنيٽ بندش، وفاقي وڪيل کي هدايت وٺي پيش ٿيڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش جي ڪيس ۾ حڪومتي اختيارين کان هدايتون وٺندي وفاقي حڪومت جي وڪيل کي 12 وڳي تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل نديم سرور ٻڌڻي دوران موقف اختيار ڪيو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس بنا ڪنهن اطلاع ۽ سبب جي بند ڪيون ويون آهن، انٽرنيٽ بند ڪرڻ به بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ فوري طور تي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.لاهور هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کان هدايتون وٺڻ بعد وفاقي حڪومت جي وڪيل کي 12 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو