انٽارڪٽيڪا ۾ گرمي جي پد ۾ رڪارڊ اضافو، خطري جي گهنٽي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽارڪٽيڪا جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي برف جو تصور اڀرندو آهي ڇو ته هن کنڊ ۾ رڳو برف ئي برف آهي. ڪجهه سالن کان هتي گرمي جي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ 9 فيبروري تي ارجنٽينا جي ريسرچ سينٽر وارن هتي پهريون ڀيرو 20 ڊگري کان مٿي گرمي جو پد رڪارڊ ڪيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو موسمي تبديلين جي اثرن جي ڪري آهي جيڪا وڏي خطري جي گهنٽي آهي. ماهرن موجب 9 فيبروري تي 20.75 ڊگري گرمي جو پد رڪارڊ ٿيو آهي جيڪو تاريخ ۾ پهريون دفعو 20 ڊگري کان وڌي ويو آهي. 6 فيبروري تي اترين پاسي 18.3 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو. جڏهن ته 2015 ۾ گرمي جو پد 17.5 رڪارڊ ڪيو ويو هو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو سالن ۾ 3.25 سينٽي گريڊ گرمي جي پد ۾ اضافو ٿيو آهي. گڏيل قومن جي ماهرن موجب دنيا ۾ هن مهل تائين سڀ کان وڌيڪ گرم ترين سال 2016 هو جنهن بعد ٻئي نمبر تي گرم ترين دنيا جو سال 2019 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو