اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ نواز جي سينئر اڳواڻ رانا ثناءُ الله چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت ڪندي ۽ آزاد ڪشمير حڪومت جو حصو نه بڻجندي، پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ صدارتي محل ۾ ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته آزاد ڪشمير جي موجوده حڪومت تي ڪو به اعتماد ناهي.هن چيو ته موجوده مدت جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آزاد ڪشمير ۾ آزاد ۽ منصفانه چونڊون ڪرايون وينديون، پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو ته آزاد ڪشمير جي موجوده حڪومت مسئلا حل ڪرڻ بدران مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي چڪي آهي. مسلم ليگ (ن) فيصلو ڪيو آهي ته اها آزاد ڪشمير ۾ اپوزيشن ۾ ويهندي،هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياسي استحڪام آڻڻو آهي، مسئلا حل ڪرڻا آهن. اسان مسلم ليگ (ن) جو فيصلو قبول ڪيو آهي ۽ انهن پيپلز پارٽي جو فيصلو قبول ڪيو آهي، ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اسان جو خيال آهي ته آزاد ڪشمير جو موجوده سيٽ اپ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي عدم اعتماد جي تحريڪ تي متفق ٿي ويا آهن. مسلم ليگ ن حڪومت جو حصو نه هوندي، اها اپوزيشن ۾ ويهندي، ۽ جيڪڏهن پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ اڪثريت حاصل ڪري ٿي ته اها حڪومت ٺاهيندي.










