انسٽا گرام اسٽار ۽ گرهوڙ جي گاديءَ واري جي نياڻي جي خود ڪشي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊفينس جي علائقي فيز فور ۾ گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڊاڪٽر نياڻي ماها علي مبينه طور پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. فوتي ڊاڪٽر سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هئي. ايس پي ڪلفٽن عمران مرزا موجب گهرو اڻبڻت تان اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات دير سان واقعو پيش آيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽر جو پنهنجي والد سان گهريلو معاملي تي جهڳڙو ٿيو هو جنهن بعد هن پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. ڪمري مان نائن ايم ايم جو پسٽل به مليو آهي. خود ڪشي جي هن پراسرار واقعي ۾ 25 ساله ڊاڪٽر سيده ماها علي ڌيءَ  پير سيد آصف علي شاهه زخمي ٿي پئي هئي جنهن کي فوري طور تي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽر سيمي جمالي موجب هڪ ڪلاڪ بعد نوجوان ڊاڪٽر فوت ٿي وئي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته هو واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رهي آهي. وارث سندس لاش تدفين لاءِ اباڻي ڳوٺ گرهوڙ شريف کڻائي ويا. ڇوڪري جون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصويرن مان لڳي ٿو ته هوءَ ڪافي ماڊرن ۽ لبرل سوچ جي مالڪ هئي.

https://www.instagram.com/mahaashah/

ڊاڪٽر ماها جي خود ڪشي کان چند ڪلاڪ اڳ هن انسٽاگرام جي پنهنجي اڪائونٽ تي ڪافي خوبصورت تصويرون به شيئر ڪيون هيون. انسٽاگرام تي هن جي تمام گهڻي فالوئنگ آهي ۽ هوءَ انسٽاگرام اسٽار هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو