انساني حقن جي پاسداري عنوان هيٺ سيمينار منعقد

ڊگهڙي (سيد بشير شاھ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ۾ انساني حقن جي پاسداري جي عنوان هيٺ سيمينار ٿي گذريو. سيمينار کي خطاب ڪندي محمد عالم ڀرڳڙي چيو ته دنيا ۾ رهندڙ هر انسان کي هڪ جيترا بنيادي حق آهن اسان جي ماڻهن کي پنهنجي بنيادي حقن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي. هن وڌيڪ چيو انساني حقوق اهي هوندا آهن جيڪي هڪ انسان کي معاشري جي طرفان ملندا آهن انسان جي خدمت سڀ کان وڏي عبادت آهي اسان جي معاشري ۾ هڪ آزاد انسان کي انهن جا بنيادي حق نٿا ملن. هن وڌيڪ چيو ته هر انسان کي ان جا بنيادي حقن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي ڪارو ڪاري تحت قتل، عورتن تي تشدد، مٿن تيزاب هارڻ، لڄالٽ ڪري ماري ڇڏڻ اهي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏين ٿا اسان کي انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ جي ضرورت آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو