ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتصيٰ وهاب چيو آهي ته امڪاني برساتن کان اڳ نالن جي صفائي ڪئي وڃي برساتي نالن مان وڏا پٿر ۽ بلاڪ ڪڍيا پيا وڃن شهري ان ڏس ۾ ادارن سان گڏ هلن اڏاوتي ڪم دوران برساتي نالن ۾ اڏاوتي مواد کي ڪرڻ کان بچايو وڃي. ڪي ايم سي ڪراچي جا سمورا ادارا متحرڪ ٿي ڪم ڪن. اها ڳالهه هن سينترل ضلعي ۾ پوسٽ آفيس نالي سميت ٻين نالن جا جائزو وٺڻ وقت ڪئي. پي پي ڏکڻ ضلعي جو جنرل سيڪريٽري قرم الله وقاصي سينترل ضلعي جو صدر مسرور احسن، جنرل سيڪريٽري دل محمد، ڪي ايم سي جا انجنيئرنگ کاتي جا آفيسر به موجود هئا ميئر چيو ته شهر ۾ 50 کان وڌيڪ هنڌن تي روزاني جي بنياد تي برساتي نالن جي صفائي جو ڪم ٿي رهيو اهي ان کي جاري رکيو وڃي ته جيئن تيز برساتن دوران به انهن نالن ۾ برساتي پاڻي نڪري سگهي هن چيو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز کي به هدايت ڪئي وئي ته اهي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ننڍن نالن جي صفائي جو ڪم تيزي سان مڪمل ڪن ۽ برسات دوران عملي کي فعال رکن ته جيئن انهن ننڍن نالنجي ذريعي برساتي پاڻي کي وڏن نالن ۾ منتقل ڪري سگهجي ميئر اها به هدايت ڪئي ته پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ صفائي جو خاص خيال رکو خاص طور تي برسات ۾ جراثيم مار دوا جو اسپري به ڪيو مرتصيٰ وهاب چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ پارٽي قيادت جو ويزن نيڪ نيت ۽ دلچسپي جي ضرورت هوندي آهي الحمدالله اسان جي قيادت شهر صوبي ۽ ملڪ لاءِ مخلص آهي اسان کي پنهنجي شهر کي صاف سٿرو رکڻ آهي.
