امپائر موريس ايراسمس پاران ريٽائرمينٽ جو اعلان

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا جي آءِ سي سي ايليٽ امپائر موريس ايراسمس ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيسٽ سيريز 60 ورهين جي موريس اراسمس جي آخري اسائنمينٽ هوندي.موريس اراسمس 80 ٽيسٽ، 124 ون ڊي ۽ 43 ٽي 20 ميچن ۾ امپائرنگ ڪئي.هن 18 عورتن جي ٽي 20 ميچن ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ 3 ڀيرا آئي سي سي امپائر آف دي ايئر چونڊيو ويو.مارائس ايراسمس جو چوڻ آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ مون آءِ سي سي کي ريٽائرمينٽ جي حوالي سان ٻڌايو هو، مون کي ريٽائرمينٽ لاءِ نه چيو ويو ته منهنجي عمر وڌي وئي آهي.موريس ايراسمس ڏکڻ آفريڪا لاءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ پڻ کيڏي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو