اميد آهي ته وڌيڪ دهشتگرد ڪارروايون نه ٿينديون، تارڙ

اميد آهي ته وڌيڪ دهشتگرد ڪارروايون نه ٿينديون، تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات عطا تارڙ چيو آهي ته اميد آهي ته وڌيڪ دهشتگرد ڪارروايون نه ٿينديون ۽ جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌر خلاف سزا جو تعين ڪيو ويندو، پنهنجي بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته قطر ۽ ترڪي جي مدد سان ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن ۽ دوست ملڪ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيا آهن، هن چيو ته افغان طالبان کي اهو قبول ڪرڻو پوندو ته دهشتگرد ڪارروايون بند ٿي وينديون ۽ جنگ بندي ۾ افغان طالبان پاران فتنه الخوارج خلاف ڪارروائيون پڻ شامل آهن، عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته افغان طالبان کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته انهن جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي، هن اهو به چيو ته پاڪستان وٽ هاڻي هڪ نئون فورم هوندو جتي اسان دهشتگردي جا ثبوت پيش ڪنداسين،اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چيو ته پاڪ-افغان سرحدون کولڻ جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو