امن مشن, دهشتگردي ۽ قبائلي دشمنين جا مسئلا درپيش آهن، نقوي

امن مشن, دهشتگردي ۽ قبائلي دشمنين جا مسئلا درپيش آهن، نقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ)گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته امن مشن دهشتگردن، قبائلي دشمنن ۽ پنهنجي سلامتي جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيا آهن. پائيدار امن لاءِ ڪنهن به نئين حڪمت عملي کي اهم عنصرن کي منهن ڏيڻ گهرجي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خاص اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هو امن مشن جي مستقبل تي سنجيده ۽ وسيع بنياد تي غور ڪرڻ جي مطالبي سان متفق آهن.هن چيو ته گڏيل قومن کي پاڪستان جي امن مشنز ۾ ڊگهي مدي تائين شرڪت تي فخر آهي، هن وقت تائين پاڪستان جا 2 لک 30 هزار فوجي 47 امن مشنز ۾ حصو وٺي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو