امريڪي چارج ڊي افيئر جي مريم ۽ شهباز سان ڌار ڌار ملاقاتون

لاهور(ويب ديسڪ) امريڪي چارج ڊي افيئرز جي جاتي امرا رائيوينڊ ۾ مريم نواز سان ملاقات، ملڪي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چارج ڊي افيئرز سان ملاقات ۾ شاهد خاقان عباسي  ۽ احسن اقبال به موجود رهيا.

چارج ڊي افيئر اينجلا ايگلر قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف سان به ڌار ملاقات ڪئي. اينجلا ايگلر بعد لاهور ۾ تفريحي جاين جو نظارو به ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ سفارتي تعلقات ۾ اها گرمجوشي ناهي رهي جيڪا اڳ م هئي، اهوئي سبب آهي ته امريڪا جي سفير بدران چارج ڊيا افيئر معاملا سنڀالي پئيي.

پهنجو تبصرو موڪليو