امتيازي سلوڪ نه ٿيندو،صنم جاويد بابت فيصلو جاري

لاھور (ويب ڊيسڪ)جسٽس شاهد بلال پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي سينيٽ جي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ 11 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.اپيليٽ ٽربيونل لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته عمر سرفراز چيما به جيل ۾ آهي، سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا، ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته صنم جاويد کي عام چونڊ وڙهڻ جي به اجازت ڏني وئي، ڪنهن کي به بنيادي حقن کان محروم نٿو ڪري سگهجي. اپيليٽ ٽربيونل چيو ته الزام آهي ته درخواستگذار جو مڙس 2023 جو ٽيڪس ريٽرن جمع نه ڪرائي سگهيو، درخواستگذار جي مڙس کي 9 مئي تي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، ريٽرننگ آفيسر کي به واقعن جو جائزو وٺڻ گهرجي ها.لکت واري فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صنم جاويد کي مخصوص سيٽ تي وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو