امباني جي پٽ جي مڱڻي، ميڪا سنگهه 10 منٽ گانو ڳائڻ جو ڪيترو معاوضو ورتو؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ارب پتي واپاري مڪيش امباني جي ننڍي پٽ اننت امباني خميس تي مڱڻي ڪري ڇڏي. اننت امباني، نيتا امباني ۽ مڪيش امباني جي ننڍي پٽ، راڌيڪا مرچنٽ سان مڱڻي ڪئي.بعد ۾ ممبئي ۾ مڪيش امباني جي رهائشگاهه تي هڪ عظيم الشان پارٽي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاهه رخ خان، سلمان خان، رنبير ڪپور، عاليا ڀٽ ۽ ٻين بالي ووڊ جي شخصيتن ۽ زندگي جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.ڀارتي ميڊيا موجب تقريب ۾ بالي ووڊ جي ٻين شخصيتن به شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ گلوڪار ميڪا سنگهه کي به خصوصي پرفارمنس لاءِ دعوت ڏني وئي.ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ميڪا سنگهه کي نيتا امباني ۽ مڪيش امباني جي ننڍي پٽ اننت امباني جي مڱڻي واري تقريب ۾ 10 منٽن جو گانا ڳائڻ لاءِ 1.5 ڪروڙ رپيا (4 ڪروڙ پاڪستاني رپيا کان وڌيڪ) ڏنا ويا هئا.سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ميڪا سنگهه گرانڊ پارٽي ۾ اننت امباني سان گڏ ناچ ۽ ڳائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو